حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ بجيٽ ۾ ساڍا ست سئو ارب واڌو ٽيڪس ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو)  حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ بجيٽ ۾ 750 ارب روپين جو ٽيڪس لڳائڻ جو ورڪنگ پلان پيش ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ جيٽ ۾ 750 ارب روپين جو ٽيڪس لڳائڻ جو ورڪنگ پلان پيش ڪري ڇڏيو.وفاقي بجيٽ ۾ کنڊ تي جي ايس ٽي جي شرح وڌائي ۽ گيس تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي مڙهي ويندي، اليڪٽرانڪس ۽ فوم انڊسٽري جي شين جي پرچون قيمت تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته جي ايس ٽي جي معياري شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي.بجيٽ ۾ سگريٽ ۽ شربتن تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي وڌائڻ جي فيصلي سميت صنعتن ۽ بجلي جي پيداوار لاءِ ايل اين جي گهرائڻ تي 3 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي جي ڇوٽ ختم ڪري 5 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڪسٽم ڊيوٽي سان بجلي ۽ صنعتي شيون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.مراعتون رکندڙ ماڻهن، ادارن، امداي شين ۽ موڪليل شين جي ڪچي مال ۽ پلانٽس ۽ مشينري گهرائڻ تي ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ ايڊيشنل ڪسٽمز ڊيوٽي جي ڇوٽ برقرار رکڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، فيصلي سان ملڪي درآمد تي 60 ڪروڙ ڊالر سالياني جو دٻاءُ ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *