حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ملڪي خود مختياري کي گروي رکي ڇڏيو آهي: مريم نواز

لاهور: (م ڊ)  مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ملڪي خودمختياري کي گروي رکي ڇڏيو آهي.  مريم نواز ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو آهي يا نه، نااهل حڪمران ان ئي ڳڻتي ۾ رهيا، حڪومت آءِ ايم ايف وٽ ملڪي خودمختياري کي گروي رکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نون مهينن جي حڪومتي نااهلي سبب ملڪ معاشي تباهي جي ور چڙهي ويو آهي.هن چيو ته معيشت جا سمورا شعبا تباهي جي ڪناري پهچي چڪا آهن، عوام حڪومتي نااهلي سبب ڀوڳي رهيو آهي پر حڪمران مزا ماڻي رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين سمورا حڪومتي تجربا ناڪام ثابت ٿيا آهن.هن وڌيڪ چيوت ه اسٽاڪ مارڪيٽ 34 هزار پوائنٽس کان هيٺ اچڻ افسوسناڪ آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 9 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز چيو ته نااهلي اسان جي ملڪ کي کائيندي پئي وڃي. اها ڪا مذاق ناهي. اسان ڪهڙي شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *