حڪومتي نالائقي سان اڄ دفاعي بجيٽ به خطري ۾ آهي:احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو)ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومتي نالائقي جو ثبوت اهو آهي ته اڄ دفاعي بجيٽ لاءِ گهربل رقم نه هجڻ جا خطرا آهن.پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال جو چوڻ هو ته ناڻي وارو صلاحڪار هَٺ سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته اقتدار ملڻ تي معيشت جي حالت خراب هئي، کيس جيتري ٽماٽي جي اگهه جي خبر آهي، ايترو ئي هو انگن اکرن ۾ معتبر آهي، ٻيڙو ٻڌل آهي جا بيان ڏئي ڏئي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، الزام تراشين سان معيشت ٺيڪ ناهي ٿيندي.هن چيو ته اسان جي دور ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسيز تسليم ڪيو هو ته پاڪستان 6 سيڪڙو ترقي جي شرح حاصل ڪري وٺندو، نواز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ 5.8 سيڪڙو شرح سان ترقي ڪندڙ پاڪستان نالائقن جي حوالي ڪيو هو پر هڪ سال اندر توهان ملڪي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو ۽ ترقي جي شرح اڄ اڍائي سيڪڙو تي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *