اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن اثاثن جي تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري ۽ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سميت 332 پارليامينٽ ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري پڌرائي موجب 1174 مان 839 ميمبرن پنهنجي اثاثن جي تفصيل جمع ڪرائي آهي جڏهن ته 332 پارليامينٽ ميمبرن ۽ سينيٽرن طرفان تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي سندن رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب جن اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل ٿي اُهي قانون سازي ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. اثاثن جي تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي رڪنيت معطل ٿيلن ۾ سڌُ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به شامل آهن جڏهن ته احسن اقبال، علي نواز اعواڻ، حسين الاهي، عامر ڪياني ۽ اختر مينگل جي به رڪنيت معطل ڪري ڇڏي آهي. ان کان سواءِ غلام بي بي ڀروانه، سينيٽر راحيله مگسي، سرفراز بگٽي، انوار الحق ڪاڪڙ جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي جڏهن ته اثاثن جي تفصيل نه ڏيڻ تي صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال ياسين ۽ مجتبيٰ شجاع الرحمان جي رڪنيت به معطل ڪئي وئي آهي.