حڪمران پنهنجو وات بند نٿا رکي سگهن ته ڪوڙ ڳالهائڻ بند ڪن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (بيورو) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جو چئن مهينن ۾ پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ غير معمولي آهي، اهو ملڪي عوام لاءِ ڳڻتي جوڳو لمحو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت غير يقيني جي ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن سان اسٽاڪ مارڪيٽ هيٺ وئي، ملڪي معيشت ۾ رفتار سست ٿي، حڪومتي ترجمان چئي خطري جي گهنٽي وڃي رهي آهي ته هر ادارو، شخص، پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام ۾ ڳڻتي جي لهر پيدا ٿيندي، اهڙيون حالتون ملڪ ۾ ڪڏهن پيدا ناهن ٿيون، اپوزيشن جي ذميواري آهي ته اها معاملا عوام سامهون رکي، ڇو ته انهن جو اثر عوام تي پوندو آهي. هن حڪومت کي صلاح ڏني ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو ڪري، وزيراعظم، ناڻي وارو وزير ۽ سڌ سماءَ وارو وزير پنهنجو وات بند نٿا رکي سگهن ته ڪوڙ نه ڳالهائن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *