حڪمرانن ڪرپشن ڪئي ته کين مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو: نيب چيئرمين

ملتان: (م ڊ) )  نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۽ ڪرپشن گڏ نٿا هلي سگهن پر نيب ۽ معيشت گڏ هلي سگهن ٿا. ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته ڪا به طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي، نيب تي تنقيد ضرور ڪريو پر اها هاڪاري هئڻ گهرجي.هن چيو ته نيب قانون موجب پنهنجو ڪم ڪندي، جڏهن ته  معيشت ۽ نيب گڏ هلي سگهن ٿا پر نيب ۽ ڪرپشن گڏ نه ٿا هلي سگهن. سندس چوڻ هو ته بدعنوان عنصرن خلاف نيب حرڪت ۾ ايندي جيڪو ڦرلٽ ڪندو تنهن کي قانون جو منهن ڏسڻو پوندو، اسان جي واحد خواهش ڪرپشن فري پاڪستان آهي.  نيب چيئرمين چيو ته نيب هميشه تنقيد جي آجيان ڪئي، تنقيد ضرور ڪيو پر اها هاڪاري هئڻ گهرجي. هن چيو ته بدعنواني نه هجي ها ته ملڪ کي قرض نه وٺڻو پوي ها، نيب خلاف سازش تحت واويلا ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪابه طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي، ادارو قانون موجب ڪم جاري رکندو، ڪابه ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي ويندي. اسان جي واحد خواهش ڪرپشن فري پاڪستان آهي،نيب چيئرمين چيو ته هر ڪو ائين چئي رهيو آهي ته نيب ڪارو قانون آهي پر ڪنهن اڃان تائين اهو ناهي ٻڌايو ته ڪٿان کان ڪارو آهي.؟ نيب ۾ ڪو به ڪارو قانون ناهي. ڪارا اهي هٿ آهن جيڪي قانون کي استعمال ڪندا آهن. نيب جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي قانون موجب ڪري رهيو آهي.  نيب ڪارو قانون هجي ها ته  سپريم ڪورٽ کيس ختم ڪري ڇڏي ها. نيب چيئرمين چيو ته نيب کي ڪي به ڪيس ٺاهڻ جو شوق ناهي. اسان خوشي سان ڪنهن کي هٿڪڙيون ناهيون هڻندا. نيب خلاف لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو ويو. بيورو ڪريسي ڪابه هڪ شڪايت نيب سامهون ناهي کڻي آئي. اسان جي نه ڪنهن سان دوستي آهي ۽ نه دشمني. جيڪڏهن ڪنهن غريبن جو مال لٽيو آهي ته ان کي  اسان ڪڏهن به بخش نه ڪنداسين. جيڪو ڦرمار ڪندو ان کي نيب جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو. لٽيل پئسا آهستي آهستي واپس اچي رهيا آهن.هن چيو ته اهو دور گذري ويو جڏهن ڪرپشن ۽ بدعنواني سان لٽيل دولت لڪائي ويندي هئي. اقتدار ۾ اچي لٽ مار ڪندڙن کي نيب جي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته ڪير به اقتدار ۾ اچي ان سان اسان لاءِ ڪوبه مسئلو ناهي. ڪابه طاقت نيب کي ڊڪٽيٽ نٿي ڪري سگهي. جڏهن ته پلي بارگين جي قانون ۾ بهتري جي گنجائش آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *