حڪمرانن وٽ بچڻ جي گنجائش ناهي، وزيراعظم ۾ عقل آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي: خورشيد شاهه

سکر ( بيورو ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۾ ٿورو به عقل آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وفاق لاءِ دعاگو آهن، حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب عمري تي پنهنجي لاءِ دعا گهرڻ ويو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي آءِ ٽي خلاف اڃا تائين ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته قطر اسان جو ڀاءُ ۽ ميان نواز شريف جو محسن ملڪ آهي. هن چيو ته اسان کي سعودي عرب ۽ قطر جي صورتحال تي پريشاني آهي. سندس چوڻ هو ته حڪمران پاڻ ک بچائڻ لاءِ ڊراما ڪري رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته حسين نواز جي ته اڃا تصوير جاري ٿي آهي، حڪمران ادارن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس پ پ نه کڻي وئي آهي، حڪمرانن وٽ بچڻ جي ڪابه گنجائش ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *