لاهور(م ڊ) عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته جسٽس باقر نجفي رپورٽ ۾ لڪل سچ بي نقاب ٿي ويو آهي، جيڪڏهن حڪمرانن شرافت سان استعيفيٰ نه ڏني ته کين عوام جي طاقت سان ڪڪ آئوٽ ڪيو ويندو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهر القادري چيو ته جسٽس باقر نجفي رپورٽ 61 کان 74 تائين سمورن صفحن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته جيڪو شخص منهنجي رپورٽ پڙهندو اهو سمجهي ويندو ته ڪنهن قتل عام جو حڪم ڏنو هو. هن مطالبو ڪيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله فوري طور تان عهدن تان استعيفيٰ ڏين، قتل
عام جي جاچ لاءِ پاناما طرز جي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ڇو ته پهرين ٺهندڙ جي آءِ ٽي ۾ عوامي تحريڪ ۽ ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر شامل نه ٿيا آهن. هن چيو ته عوام جي طاقت ۽ کين اقتدار تان ڪڪ آئوٽ ڪرڻ سندن جمهوري حق آهي ۽ اسان ڪڏهن به عوام کي ڪال ڏئي سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن هڪ طرفين شاهدين باوجود شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله کي قاتل قرار ڏنو آهي اهو ئي سبب هو ته حڪمرانن ساڍن ٽن سالن تائين رپورٽ دٻائي. عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته حڪمرانن رنڊڪن جو بهانو ڪيو، نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله پنجاب پوليس کي استعمال ڪيو، پوءِ کين عهدن تان هٽائي پرڏيهه روانو ڪيو.