حڪمرانن جا مذمتي بيان ٽي وي اسڪرين ۽ اخباري سُرخين تائين محدود

February 14, 2017 at 10:08 pm

مصور حسين کهاوڙ

سمجهه ۾ نٿو اچي ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي وڃي ختم ڪجي. نه ڄاڻ حالتون ڪهڙي طرف ٿيون وڃن، اگر ٿورو غور ڪبو ته معلوم ٿي ويندو. ملڪ جي آزادي واري تحريڪن کان ويندي اڄ ڏينهن تائين رت ئي رت ۾ ٻڏل نظر آيو آهي، شهادت جا نذرانه ڏنا ويا آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين جاري آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فوج، پوليس، ميڊيا جا ورڪر، ڪورٽن سان منسلڪ جج، وڪيل، توڙي ٻيا عملدار، سياستدانن کان ويندي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جان جا نذرانا ڄڻا پون ٿا. ملڪ نازڪ دور مان گذري پيو. حالتون اڄ ڏينهن تائين ڪنٽرول ۾ نه آيون آهن. حڪمرانن جون دعوائون کوکليون ٿي مذاق بڻجي چڪيون آهن. ان جو تازو مثال ٻه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي آڏو ڪيمسٽ ۽ ڊرگ ايسوسيئيشن پاران، پنجاب ڊرگ ايڪٽ 2017ع خلاف چيئرنگ ڪراس چوڪ مال روڊ تي ويٺل مظارين سان ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن ايس ايس پي زاهد محمود گوندل ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتا هئا. ڳالهين جي مرحلي دوران اچانڪ اسٽيج اڳيان زودار ڌماڪو ٿيو. جنهن جو آواز پري پري تائين ويو ڪئي ميلن تائين وڃي پهتو. ڌماڪي جو آواز ئي نه پر انساني جسمن جا عضوا به پري پري تائين ٽڙي پکڙجي ويا. ڌماڪي وارو هنڌ رت سان رڱجي ويو خودڪش ڌماڪي سان لاهور لرزي ويو، هر طرف خوف حراس ڇانئجي. ماڻهن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، قيامت صغرىٰ جو منظر نظر آيو . خودڪش ڌماڪو ايترو ته زوردار هئو جو ڀرپاسي ۾ بيٺل گاڏين کي باه جي شعلن گهيري  ۾ آڻي ڇڏيو. گاڏين جا شيشه ٽٽي چڪناچور ٿي ويا. ملڪ ۾ دهشتگرد پلاننگ تحت ڪو به حربو استعمال ڪري انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن. ۽ الميو اهيو آهي ته اهي ڪامياب به ٿي ٿا وڃن، دهشتگرد جڏهن به جتي به چاهين ٿا ته آساني سان ڌماڪو ڪريو وڃن. اهڙي ئي هڪ دهشتگرد جنهن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار سان ٻڌايو پيو وڃي، سندس تنظيم بمبار جو فوٽو به جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ٻه ڏينهن اڳ پنجاب جي راڄڌاني واري شهر لاهور ۾ واقع صوبائي اسيمبلي سامهون مال روڊ تي دواساز ڪمپنين ۽ ميڊڪل اسٽور وارن جي تنظيمن طرفان ٿيندڙ احتجاج دوران آپگهاتي بمبار داخل ٿي ڌماڪو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس جي اعلىٰ عملدارن ڊي آءِ جي ٽرئفڪ احمد مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن ايس ايس پي زاهد محمود گوندل  سميت 16  کان وڌيڪ مارجي ويا. جڏهن ته زخمين جو تعداد 75 کان به وڌي ويو آهي، جڏهن زخمين جو وڏو انگ پوليس اهلڪارن جو آهي. خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مارجي ويلن ۽ زخمين جو تعداد اڃان به وڌي ٿو سگهي. هِت محافظ خد محفوظ ناهن ته عام ماڻهو کي ڇا تحفظ ملندو. ڌماڪي ۾ آج ٽي وي جو ڪيميرا مين ۽ ڊرائيور سميت ٻيا به صحافي رتورت  ٿي پيا ۽ ٽي وي چئنل جي، ڊي ايس اين جي وين به تباه ٿي وئي، افسوس ڪجه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ فائرنگ جي نتجي ۾ سما ٽي وي جو ڪيميرا مين تيمور  به مارجي ويو. اهڙين واقعن مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته هت ڪو به محفوظ ناهي. اهي به اطلاع ٻڌڻ ۾ آيا هئا ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي (نيڪٽا) 7 فيبروري تي ريڊ الرٽ جاري ڪندي چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط ذريعي، دهشتگردي جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. ۽ ان سان گڏ اهم عمارتن ۽ اسڪولن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو چيو هو. ملڪ جون حالتون اڳئي خراب آهن. ريڊ الرٽ جاري ٿيڻ باوجود پنجاب حڪومت ڪو به  آخر تحرڪ ڇو نه ورتو ويو ان جا ڪارڻ ڪهڙا ٿي ٿا سگهن. ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي،  ملڪ جي وڏي صوبي جِي گادي واري هنڌ ۾ بدامني جي باه ٻرندي ته  پوءِ باقي ٻين شهرن ۽ علائقن جي ڇا حالت هوندي ان مان پاڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جڏهن اسان جا حڪمران پابندي مڙهيل تنظيمن جي سربراهن سان ملندا هجن ۽ سندن حمايتن ۾ بيان ڏيندا هجن ته پوءِ يقينن حالتون به اهڙيون نظر اينديون. يا کڻي بقول انهن جي ائين چئجي، ظاهري طور تي ته سٺا دهشتگرد ۽ خراب دهشتگرد نتيجو به 0 برابر 0 ئي ايندو نه. اهيو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته دبئي ۾ هلندڙ پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور جي قذافي گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي عالمي ٽيمن مان ڪابه ڪرڪيٽ جي ٽيم ملڪ ۾ راند کيڏڻ نه آئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پي سي ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائي. اميد جو نئون ڏيئو روشن ڪيو  پيو وڃي. دهشتگرد مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪرڪيٽ جو نقصان به ڪيو پيو وڃي. ته جيئن ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو به عالمي سطح تي ٽيمن سان ڪو ٽورنامينٽ نه ٿئي.  جڏهن ته پي سي بي ۽ پي سي ايل جي اعلىٰ عملدار مؤقف اختيار ڪندي چيو ته ڇا به ٿئي پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ئي ٿيندو. اگر ڪو به پرڏيهي رانديگر نه آيو.  پوءِ به فائنل ۾ پهچندڙ ٻنهي ٽيمن جي ڏيهي رانديگرن کي لاهور ۾ فائنل کيڏايو ويندو. دهشتگردن جو نيٽ ورڪ وسيع ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان  روز روز ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڌماڪا ڪري جاني ۽ مالي نقصان ڪريو وڃن. ان جي ابتڙ ملڪي ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي آلاتن سان ڪٿي ٿو جديد ٽيڪنالاجي جي اوزارن سان مقابلو ڪري سگهجي. افسوس ته ان ڳاله جو ٿيندو آهي ته اسان جا حڪمران بس اهڙي واقعن جي مذمت، مذمت ئي ڪندا رهندا آهن. دهشتگردن خلاف عملي قدم نه ٿا کڻي سگهن. سندن صلاحڪارن پاران پڪو ڪرايل بيان  ياد هوندو اٿن جيڪو وِردِ زبان چوندا رهندا آهن. ته واقعي جي مذمت ٿا ڪيون. سوڳوار خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ايترون جانيون ضايع ٿيڻ باوجود يا وري ائين چوندا رهندا آهن ته دهشتگردن جو هدف اڃان ٻيو هو، جيڪو ناڪام بڻجي ويو. حالانڪ بمبار پنهنجو  ناپاڪ مقصد ماڻي به وٺن ٿا. اسان جي حڪمرانن جا طرحين، طرحين وارا بيان ٽي وي اسڪرينن تي گونجندا رهندا آهن، سلائينڊز، ٽِڪرز جي صورت ۾ نظر ايندا رهندا آهن. ۽ ملڪ جي اخبارن جون شه سرخيون بڻبا آهن. جن کي عوام ورهين کان وٺي رد ڪندو پيو اچي، حاڪمِ وقت ۽ سندس فرمانبدارن کان انصاف گهرندو پيو اچي. خدارا هاڻي ته عملي ڪم ڪيو، ۽ ملڪ ۾ ناسور بڻيل دهشتگردي مان نجات ڏياريو،

****

اي پيپر