حيرت آهي ته شهباز شريف کي ٻاراڻي ۽ سنجيده  عمل ۾ فرق جو احساس ئي ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته حيرت آهي ته شهباز شريف کي ٻاراڻي ۽ سنجيده عمل ۾ فرق جو احساس ئي ناهي. شهباز شريف گذريل ڏينهن جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته چوڌري نثار ۾ ٻاراڻي آهي ۽ ٻارڙي کي پرچائڻو پوندو آهي. پنجاب جي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي بيان تي چوڌري نثار جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حيرت آهي ته شهباز شريف کي ٻاراڻي ۽ سنجيده عمل ۾ فرق جو احساس ئي ناهي. چوڌري نثار چيو ته ٻاراڻي اُهو عمل آهي جيڪو سندس پارٽي قيادت اُن وقت کان جاري رکيو آهي. هن چيو ته غير سنيجدگي اِها آهي ته پارٽي جي صدر طور شهباز شريف ان جي حل لاءِ ڪجهه به ناهي ڪري رهيو. چوڌري نثار چيو ته شهباز شريف کي صلاح آهي ته هو 30 سال پراڻين ڳالهين جو ذڪر نه ڪري.  هن چيو ته شهباز شريف موجوده ڳمڀير ۽ ڏکي صورتحال مان نڪرڻ تي پنهنجون توانائيون خرچ ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *