حمزه شهباز جي گارڊن غنڊه گردي ڪئي آهي، قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي: نيب

لاهور(هه آ) (ن) ليگي اڳواڻ حمزه شهباز جي گرفتاري ۾ ناڪامي کان پوءِ نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حمزه شهباز جي سيڪيورٽي گارڊن غنڊه گردي ڪندي نيب اهلڪارن تي تشدد ڪيو ۽ سندن ڪپڙا ڦاڙيا ويا. جڏهن ته کين جان کان مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون.نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ن ليگي اڳواڻ حمزه شهباز جي گرفتاري جي لاءِ ويندڙ ٽيم وٽ  حمزه شهباز جو گرفتاري وارنٽ به  موجود هو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنهن به مجرم کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ کيس ٻڌائڻ ضروري ناهي هوندو.سپريم ڪورٽ جي هدايتن مطابق گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. نيب وٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پڪا ثبوت موجود آهن. نيب جي قانوني ڪارروائي  دوران مداخلت ڪرڻ وارن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو نيب جي ٽيم کي باقاعده هيسائڻ کان پوءِ ڪجهه اهلڪارن جا ڪپڙا به ڦاڙيا ويا ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون. جڏهن ته حمزه شهباز پاران قانون جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *