حضرت داتا گنج بخش جي مزار ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي ۾ 5 اهلڪارن سميت 10 شهيد

لاهور: (م ڊ)  داتا درٻار کان ٻاهر روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايليٽ فورس جي 5 اهلڪارن سميت 10 ڄڻا شهيد ۽ 22 زخمي ٿي ويا آهن. داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 کان ٻاهر ايليٽ فورس جي گاڏي جي ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو. لڳي ائين رهيو هو ته ايليٽ فورس جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو آهي. ڌماڪي کان پوءِ پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن موقعي تي پهچي علائقي کي گهيرو ڪري ورتو ۽ زخمين کي ويجهي ميو اسپتال ڏانهن موڪليو ويو آهي.ميو اسپتال جي ذريعن موجب اسپتال ۾ 3 ڄڻن جون لاشون ۽ 18 زخمين کي آندو ويو آهي. زخمين ۾ 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي. ڊاڪٽرن جي وڏي تعداد اسپتال ۾ موجود آهي ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڊي آءِ جي آپريشنز محمد اشفاق موجب ايليٽ فورس جا اهلڪار داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 تي ڊيوٽي ڏئي رهيا هئا. جنهن کي 8:45 تي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪارن سميت هڪ شهري ۽ هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿيو آهي.ڊي آءِ جي آپريشنز جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڌماڪو خودڪش هو يا نه ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جاچ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اصل حقيقتون سامهون آنديون وينديون جنهن جي لاءِ سي ٽي ڊي سميت ٻيا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته داتا درٻار کان ٻاهر ڌماڪي کان پوءِ اسلام آباد ۾ بري امام ۽ گولڙه شريف ۾ پوليس جي وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي.ڊي آءِ جي آپريشن وقارالدين سيد جو چوڻ آهي ته اسلام آباد شهر جي اچڻ وارن رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وئي آهي. ناڪن تي به چيڪنگ جو عمل وڌايو ويو آهي ۽ ريڊ زون ۾ اڻڄاتل ماڻهن جو داخلا بند ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهري شناختي ڪارڊ ڏيکاري وڃڻ جو سبب ٻڌائي پوءِ ريڊ زون ۾ داخل ٿي سگهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *