حسين نواز 24 مئي تي جي آءِ ٽي سربراهه کي خط لکيو، مختلف سوال شامل

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز 24 مئي تي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي خط لکيو، حسين نواز جو خط 3 مرڪزي ۽ 2 ذيلي نڪتن تي مشتمل هيو، خط ۾ چيو ويو ته ڪهڙو مخصوص رڪارڊ گهربل آهي، مون کي ناهي ٻڌايو ويو، خط موجب رڪارڊ جي نوعيت کان آگاهه ڪرڻ جي آءِ ٽي جي ذميداري آهي، اهو ناهي ٻڌايو ويو ته منهنجي موجودگي ۾ ڪهڙو موضوع بحث هيٺ ايندو، حسين نواز خط ۾ ڄاڻايو ته مون کي جده ۾ 19 مئي تي رات 10 وڳي سمن مليو، تياري جي لاءِ مناسب وقت نه هئڻ تي مان تياري ڪري سفر نه ڪري سگهيس، مان گذريل شام 23 مئي تي ئي پهتو آهيان، خط ۾ حسين نواز چيو ته انصاف گهر گهري ٿو ته مون کي لاڳاپيل موضوع کان آگاهه ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *