حسين نواز جي جاچ دوران رڪارڊنگ بند ڪرڻ واري درخواست رد،رڪارڊنگ غلط ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو): سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ ۽ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) طرفان وڊيو رڪارڊنگ خلاف داخل درخواست رد ڪندي جي آءِ ٽي جي انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) تي لڳايل الزامن جي حوالي سان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جي سربراهه جسٽس اعجاز افضل حسين نواز جي درخواست تي فيصلو پڙهي ٻ/ڌايو، جيڪو 14 جون تي محفوظ ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وڊيو رڪارڊنگ رڳو ٽرانسڪرپٽ جي درستگي جي لاءِ ڪري سگهجي ٿي، وڊيو رڪارڊنگ ٽرانسڪرپٽ جي تياري جي لاءِ ضروري آهي ۽ جيستائين قانون نٿو بڻجي، وڊيو رڪارڊنگ ثبوت طور عدالت ۾ پيش نٿي ڪري سگهجي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته جنهن شخص تصوير ليڪ ڪئي، ان جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ان شخص خلاف ڪارروائي به ٿي چڪي آهي، عدالت چيو ته جي آءِ ٽي کي خدشن کان آزاد ٿيڻ گهرجي، ٽيم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض هجي ته اهو سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي آءِ بي تي لڳايل الزامن تي اٽارني جنرل کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن الزامن ۾ صداقت هجي ته ڇا قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته آءِ بي جي معاملي تي لکت جواب جمع ڪرايو ۽ اٽارني جنرل فوٽو ليڪ جي معاملي تي به پنهنجو جواب جمع ڪرائين، جسٽس اعجاز افضل چيو ته جنهن اخبار کي جيڪو لکڻو آهي لکي، عدالت ڪنهن کان ڊنل نه آهي، حڪومتي ادارا عدالت کي جواب ڏيڻ بدران پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ۽ حڪومت پنهنجي حق ۾ آرٽيڪل ڇپرائيندي آهي، بينچ ۾ شامل جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته اسان هتي نابالغ ته ناهيون ويٺا، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڪيس کي ميڊيا ٽرائل نه بڻايو وڃي، اخبار پڙهي لڳندو آهي ته اٽارني جنرل جي ضرورت ناهي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اسان نٿا چاهيون ته عدالتي ڪارروائي کي ڳجهو رکيو وڃي، جڏهن ته جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڳجهو رکنداسين ۽ جاچ رپورٽ کي منظر عام تي نه آندو ويندو، جنهن تي اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته تصوير ليڪ جي جاچ رپورٽ پبلڪ ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي، ان بعد عدالت اٽارني جنرل کي عيد بعد آءِ بي بابت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته جواب عدالت کان اڳ ميڊيا ڏانهن نه وڃو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته عدالتي وقار تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي بئنچ جي دستيابي سان مشروط هوندي، بينچ جي تشڪيل چيف جسٽس جو اختيار آهي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي عيد جي موڪلن بعد بينچ جي دستيابي سان مشروط ڪندي ۽ جي آءِ ٽي جي درخواست تي ٻڌڻي عيد کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *