ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حسين نواز جي تصوير تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته حسين نواز جي تصوير ۾ اهڙو ڇا آهي جنهن تي واويلا ڪئي پئي وڃي. حسين نواز باعزت طريقي سان ڪرسي تي ويٺو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تصوير ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جنهن سان مظلوميت ثابت ٿئي، ميز تي ٽشو پيل آهن جڏهن ته ميز تي ڪاغذ، قلم هر شئي موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني جا دعويدار تصوير ۾ حسين نواز جي مظلوميت ڏيکارڻ چاهن ٿا.