ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آمريڪا ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير حسين حقاني پهريون ڀيرو قومي سلامتي تي حملو ناهي ڪيو، حسين حقاني پهريون ڀيرو آصف علي زرادري ۽ يوسف رضا گيلاني جو نالو ورتو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته معاملو سنجيده آهي ان کي ائين نٿو ڇڏي سگهجي. قومي سلامتي جي معاملي تي ايوان ۾ ڳالهائڻ گهرجي، ميمو گيٽ اسڪينڊل ۾ حسين حقاني واپس اچڻ جو چئي ٻاهر ويو پر هو واپس نه آيو، حسين حقاني دعويٰ ڪئي آهي ته ان بابت ان دور جا صدر وزير اعظم آگاهه هئا. حسين حقاني ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي سيڪيورٽي بابت لکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي پالسي آهي ته يمن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي وڃي، حسين حقاني جي بيان جي لاءِ پارلياماني ڪميشن بڻائي وڃي، قومي سلامتي کي اعليٰ سطح تي نقصان پهچايو ويو.