حسن نواز کان جي آءِ ٽي ۾ 7 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا، سڀاڻي حسين نواز طلب

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف جي ننڍي پٽ حسن نواز کان جي آءِ ٽي جي پهرين ڏينهن 7 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا، حسين نواز به سڀاڻي پيش ٿيندو، پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جو اجلاس واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جو ننڍو پٽ حسن نواز پيش ٿيو، حسن نواز سخت سڪيورٽي ۾ جوڊيشل ڪامپليڪس پهتو، جنهن بعد هو جي آءِ ٽي آڏو حاضر ٿيو، حسن نواز جي آءِ ٽي جي هدايت تي دستاويز به کڻي آيو، جنهن تي کانئس 7 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، حسن نواز جي آءِ ٽي آڏو پيشي بعد جوڊيشل اڪيڊمي کان ٻاهر آيو ته ليگي ڪارڪنن سندس نعرن سان آجيان ڪئي‏، حسن نواز ميڊيا سان ڳالهائڻ کانسواءِ ئي گهر روانو ٿي ويو، هوڏانهن وزيراعظم جي وڏي پٽ حسين نواز کي پڻ جي آءِ ٽي طرفان چوٿون ڀيرو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، حسين نواز سڀاڻي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيندو، کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *