حرمين شريفين جي حفاظت واري موقف تي پاڪستان ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان: امام ڪعبه

نوشهره (م ڊ) ڪعبة جي امام شيخ صالح بن محمد ابراهيم طالب چيو آهي ته هي ميڙ انسانيت کي اتحاد، سلامتي ۽ امن جو پيغام ڏيندو آهي، ميڙاڪي مان قرآن پاڪ جي آيت جو هي پيغام آهي ته پاڻ نه وڙهو، اسلام امن ۽ سلامتيءَ جو دين آهي، امام ڪعبه نوشهره ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سئو سالا يوم تاسيس واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مدرسا ماڻهن کي دهشتگرديءَ کان پري رکڻ جو درس ڏيندا آهن، سڄي دنيا ۾ ڦهليل مدرسا خير جو سبب آهن، دهشتگردي ملڪن جي معيشيت کي مفلوج ڪري ڇڏيندي آهي، اسان کي گڏجي مقدس جاين جي حفاظت ڪرڻ گھرجي، سڄي عالم جا مسلمان پاڪستان طرف ڏسي رهيا آهن، سڄي عالم جي مسلمانن کي پاڪستان مان اميدون آهن، هيءَ امت تمام ڏکئي وقت کان گذري رهي آهي، پاڪستان حڪومت دفاع حرمين جي دفاع واري موقف تي ٿورائتو آهيان، پاڪستان مسلمان امت جي حفاظت جي لاءِ  ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، حرمين شريف جي حفاظت جي لاءِ پاڪستان حڪومت، عوام جي موقف تي سندن ٿورائتو آهيان، ميڙاڪي جو هيلي ڪاپٽر وسيلي جائزو ورتو، انتطامن، نظم ۽ ضبط ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *