حراست دوران ڪجهه به ٿيو ته ڪيس عمران خان ۽ شهزاد اڪبر تي ڪندس: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته عدالتي حڪم تي تحويل ۾ آهيان، چيلهه ۾ تڪليف آهي، کاڌو زمين تي ڏنو پيو وڃي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جج جي روبرو پيش ٿيو ۽ عدالتي ڪمري ۾ بيان ڏنو ته منهنجي هڪ دانهن تمام ضروري آهي، عدالتي حڪم تي تحويل ۾ آهيان، چيلهه ۾ سور آهي، گذريل 25 سالن کان چيلهه جي تڪليف ۾ ورتل آهيان.هن چيو ته مان نماز پڙهڻ لاءِ ڪرسي جو رُخ تبديل ڪري مدد وٺندو هيس پر پهرين ۽ ٻي آڪٽوبر تي منهنجي مدد کان انڪار ڪيو ويو، اڳ ۾ مون کي کاڌو ميز تي ڏنو ويندو هو پر هاڻ پَٽ تي ڏنو ويندو آهي، اهو ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي ته جيئن مون کي نِوڙڻو پئي، اها دانهن ڊي جي نيب کي موڪلي آهي.سندس چوڻ هو ته اهو سڀ ڪجهه عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو ته ايف آءِ آر انهن ٻنهي تي داخل ڪرائيندس.احتساب عدالت جي جج چيو ته توهان پنهنجي دانهن مون کي ٻڌائي ڇڏي آهي، حڪم منهنجو هلندو، جيستائين عدالتي تحويل ۾ آهيو غير انساني ورتاءُ برداشت نه ڪندس، انسانيت جي تذليل برداشت نه ڪئي ويندي، اڳتي دانهن آئي ته نوٽيس وٺندس.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز شريف کي سيل ۾ نه پر خاص روم ڊسپنسري ۾ رکيو ويو آهي، کيس کاڌو گهران گهرائڻ جي اجازت آهي، جنهن تي شهباز شريف چيو ته مون کي اڳ ۾ ٻه ڏينهن اندر رکيو ويو، ڊي جي سان شڪايت ڪرڻ تي ڊسپنسري منتقل ڪيو ويو.عدالت ان موقعي تي ٻين وڪيلن کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اسان کي سياست ۾ توهان کان وڌيڪ تجربو آهي، اڄ ئي ان بابت مڪمل آرڊر پاس ڪنداسين، زمين تي کاڌو ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *