ڪراچي ( هه آ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته پائيدار امن لاءِ مسلسل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌ حڪومت ۽ ادارن جي ڪاوشن ڪارڻ سنڌ ۾ امن قائم ٿيو آهي، وڏين سازشي ڏوهن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اسٽريٽ ڪرائم ختم ڪنداسين ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز لڳايا ويندا. هو اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. صوبائي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪيو ويندو جنهن جو پهريون مرحلو پائيليٽ پروجيڪٽ هوندو جنهن جي شروعات ريڊ زون کان شروع ڪئي ويندي هن چيو ته حددخلين سان متاثر بيروزگار ماڻهن کي متبادل فراهم ڪيو ويندو حددخلين خلاف احتجاج ڪرڻ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو حق آهي پر جيڪڏهن ڪوبه قانون ٽوڙيندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزراعلٰي سنڌ جي ملاقات سٺي رهي ۽ وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ قانوني حڪومت موجود آهي ۽ اهڙا ڪم نه ڪيا وڃن جيڪي صوبائي حڪومت جي حدن جا آهن. وڏي وزير جي وزيراعظم سان ملاقات ۾ گورنر سنڌ به موجود هو، صوبي جو سڀ کان وڏو اسٽيڪ هولڊر وزيراعلي آهي ۽ بهتر هجي ها ته وزيراعظم سان تاجرن جي ملاقات ۾ وڏو وزير به موجود هجي ها. صوبائي صلاحڪار چيو ته جلدئي موبائيل فون جي رجسٽريشن وارو عمل به شروع ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته هي اپيڪس ڪميٽي جو 23هون اجلاس ڪوٺايو ويو هو ۽ اڄ جي اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن ٻڌايو ته ڊي جي رينجرز سٺا انگ اکر ٻڌايا آهن ته ڪراچي جو ڳڻپ هاڻي دنيا جي 23هين شهر طور ٿيندو آهي هن ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻن مرحلن ۾ ورهايو ويو آهي پهرين مرحلي ۾ موٽرسائيڪلن جي مارڪيٽن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ ٻئين مرحلي ۾ موبائل چوري جي روڪ ٿام لاءِ انهن مارڪيٽن کي به ڏٺو ويندو جتي سيڪنڊهينڊ موبائل طور چوري ٿيل موبائل وڪرو ڪيا ويندا آهن. مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته اپيڪس ڪميٽي ۾ حد دخلين سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي لاءِ پڻ غور ويچار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي ريويو پٽيشن درج ڪري چڪي آهي. هن ٻڌايو ته سيف سٽي پراجيڪٽ جي ڏس ۾ ڪيمرائن کي پڻ بهتر ڪيو ويندو جڏهن ته سائبر ڪرائم تي پڻ ضابطو آڻيو ويندو ۽ انهي سلسلي ۾ پاڪستان آرمي کان پڻ تعاون حاصل ڪيو ويندو. مرتضٰي وهاب ٻڌايو ته اپيڪس ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ بلوچستان بارڊرتي پوليس چوڪيون ٺاهيون ويون آهن ۽ اتي مقرر اهلڪارن کي وڌيڪ هوشيار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪچي وارن علائقن ۾ 110 پوليس اسٽيشن آهن ۽ 50 چيڪ پوسٽون قائم آهن جتي 3112 پوليس اهلڪار تعينات آهن، انهن پوليس اهلڪارن کي 87 موبائلون ۽ 33 موٽرسائيڪلون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪچي واري علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ۽ اتان جي پلن ۽ روڊن ذريعي پڪن وارن علائقن سان جوڙيو ويندو.