حديبيه پيپر ملز ڪيس فيصلو: نيب جو سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو): نيب حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي فيصلي تي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي فيصلي تي سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي، ذريعن موجب شروعاتي طور تي حديبيه پيپر ملز ڪيس تي نيب اپيل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ه/يو پر هاڻي نيب فيصلو ڪيو آهي ته ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي، نيب موجب لاهور هاءِ ڪورٽ حديبيه پيپر ملز ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته حديبيه پيپرز ملز ڪيس تي اپيل نه ڪرڻ تي اجلاس دوران نيب آفيسرن کي دڙڪا ڏنا ويا هئا، ياد رهي ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح نه ڪيو هيو ته حديبيه پيپرز ملز ڪيس کي کوليو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *