اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن تي ڪيس آهن انهن کي ڪيسن سان منهن ڏيڻو پوندو. حدون اورنگهيون ويون ته پوءِ رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. فواد چوڌري آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قومي احتساب بيورو ۾ پيشي جي موقعي تي رد عمل ڏيندي چيو ته اڄ نيب راولپنڊي آفيس جي ٻاهران ڪجهه ماڻهن پوليس اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن سبب 4 پوليس اهلڪار ۽ 2 ڪيمرا مين زخمي ٿيا پر پوليس اڄ گھڻي صبر جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اڄ بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري کي نيب جي جاچ لاءِ گھرايو هو ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا اٽڪل 500 ڪارڪن گڏ ٿيا هئا. جن مان ڪجهه ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو. جن مٿان ڪيس آهن انهن کي ڪيس سان منهن ڏيڻو پوندو. ڇا توهان اهو ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي جاچ لاءِ ڇو گھرايو ويو. بلاول ڀٽو ته اهڙو خطاب ڪري رهيو هو ڄڻ سندس جي اڳيان لکين ماڻهو هئا. اهو رويو پابندي مڙهيل تنظيمن کان ڪيئن مختلف آهي جن تي نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ٿي رهيو آهي؟ فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي جو اهو رويو قانوني گهرجن جي ابتڙ آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت پنهنجي معذرت ڪندي. پوليس اڄ معاملي کي اڻ ڌريو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو تعريف جوڳو آهي. اسان پوليس جي ان رويي کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا جيڪڏهن توهان حدون اورانگهيندئو ته رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪندي. اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته احتساب روڪي ڇڏجي. اهو ممڪن نه آهي ته توهان جاچ جي عمل کي متاثر ڪري سگھو.