ڪراچي(م ڊ)ڪراچي جي ميئر طرفان حددخلين جي خلاف آپريشن سبب متاثر دڪاندارن کي ڪي ڊي اي جي پراپرٽي الاٽ ڪرڻ واري اعلان تي تڪرار ٿي پيو. ڪراچي جو ميئر پنهنجي شهر بابت بي خبر نڪتو ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شروع ٿيل حددخلين جي خلاف آپريشن ۾ قانوني دڪاندارن کي متبادل دڪان ڏيڻ واري دعويٰ ۾ انگ اکر ۽ زمين جي مليڪت به نه هئڻ برابر نڪتي. ڪراچي جي ميئر گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران حددخلين جي خلاف آپريشن ۾ قانوني طور تي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي دڪان جي بدلي دڪان ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اڻ پوري پلاننگ جي نتيجي ۾ 3575 مان 1470 دڪانن کي ته متبادل ملي ويو پر 2105 دڪاندار سنڌ رحم ۽ ڪرم تي هوندا. ڪراچي جي ميئر ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ملڪيت کي به پنهنجو بڻائي ڇڏيو ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي 744 دڪاندارن مان 240 کي پارڪنگ پلازه ۾ متبادل دڪان ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر هو ان ڳالهه کان لاعلم هو ته پلازه ۾ رڳو 160 دڪان موجود آهن. ڪي ڊي اي اختيارين موجب پارڪنگ پلازه لائنز ايريا پروجيڪٽ جي ملڪيت آهي ۽ ڪي ڊي اي جي آهي پر لائنز ايريا پروجيڪٽ جو پنهنجو بورڊ هوندو آهي جنهن ۾ شهر جون اعليٰ اختياريون ميمبر جڏهن ته مڪاني ادارن وارو وزير سربراهه هوندو آهي.