حددخلين خلاف آپريشن، تحريڪ انصاف جو ڪراچي جي ميئر کي هٽائڻ جو مطالبو

ڪراچي(مانيترنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ڪراچي جي ميئر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خرم شير زمان جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم حددخلين جي خلاف آپريشن تي موقف واضح ڪري ۽ فوري طور تي پنهنجو ميئر تبديل ڪري. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم فوري طور تي پنهنجو ميئر تبديل ڪري ۽ حددخلين جي خلاف اپريشن تي موقف واضح ڪري، وزير اعظم سان به معاملي تي ڳالهيون ٿينديون. ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته حددخليون هٽائڻ واري طريقيڪار تي اسان کي خدشا آهن، پهرين موقعو ڏنو ويندو آهي ماڻهو حددخليون هٽائن، غربت ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، غريبن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه. فردوس شميم نقوي چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي بي چيندي پيدا ڪئي آهي، حددخلين ۾ سهڪار ڪندڙ آفيسرن کي سزا ملڻ گهرجي، ڪراچي جي ميئر پنهنجي کاتن جي ماڻهن جي نشاندهي ڪري، شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب لکين جو پيٽرول ضايع ٿيندو آهي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، واپار ماڻهن جي نقصان ۽ خدشن تي ٺهراءُ جمع ڪرايو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته عدالتي حڪمن جي آڙ ۾ ڪاروباري ماڻهن کي نقصان رسايو پيو وڃي. خرم شير زمان جو چوڻ هو ته سموريون پارٽيون حددخلين جي خلاف اسان جي موقف جي حمايت ڪري رهيون آهن، چيف جسٽس جي حڪم جي آڙ ۾ ماڻهن کي نقصان رسايو پيو وڃي، جن مانهن کي نقصان رسايو ويو، انهن جو ازالو ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *