حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

بلوچستان جي علائقي حب ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.

حب جي علائقي دارو هوٽل وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 ورهين جو عطا محمد ۽ 40 ورهين عزيز الله ٿڏي تي قتل ٿي ويا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

عزيز الله ۽ عطا محمد جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته دارو هوٽل وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *