حافظ محمد سعيد ۽ ٻيا معاشري لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا: خواجا محمد آصف
February 21, 2017 at 12:05 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد؛ پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته جماعت الدعوه جي امير حافظ محمد سعيد ۽ ٻيا معاشري لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. جرمني جي شهر ميونخ ۾ جاري سيڪيورٽي ڪانفرنس ۲۰۱۷ع ۾ حافظ سعيد جي نظربندي جي باري ۾ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان کي فورٿ شيڊول جي ڪري حراست ۾ ورتو آهي، قانون انهن ماڻهن خلاف استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي سماج دشمن عنصر هجي.