حافظ سعيد خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ پاڪستان وٽ ثبوت موجود آهن: ڀارت

اسلام آباد؛ ڀارت جماعت الدعوه جي امير حافظ سعيد جي خلاف ثبوت فراهم ڪرڻ واري پاڪستاني مطالبي کي رد ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد وٽ ممبئي حملن جي ماسٽرمائينڊ خلاف عدالتي ڪارروائي ۾ گهربل ثبوت موجود آهن، ڀارتي پرڏيهي وزير جي ترجمان وڪاس سوراپ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان پاران دهشتگردن خلاف کنيل قدمن تي نه پر زميني حقيقتن تي غور ڪري ٿو، وڪاس سوراپ چيو ته ممبئي حملن جي پوري سازش پاڪستان ۾ تيار ڪئي وئي، تمام دهشتگرد پاڪستان مان آيا، اها به حقيقت آهي ته حافظ سعيد ڀارت تي ڪيترائي حملا ڪيا ۽ انهن حملن جو اعتراب به پاڻ ئي ڪري چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *