اسلام آباد(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان جو مين وڪيل به ڀڄي ويو، جڏهن ڪو ماڻهو گهڻو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته ان جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي. الله نعيم بخاري کي صحت ڏئي ۽ عمران کي گهرجي ته ان کي فيس به ڏئي ڇڏي پر اهڙي ڪا به اميد نظر نه پئي اچي. اڄ اسان جي وڪيل وزير اعظم تي لڳندڙ سمورا الزام پنهنجن دليلن سان رد ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان هميشه ڪوڙ جي سياست ڪئي آهي، ان جو مقصد ملڪي ترقي کي روڪڻ آهي. عمران خان ڪوڙ، الزامن ۽ احتجاجي سياست جو بادشاهه آهي پاناما ۾ جائيداد جو تعلق نه مني لانڊرنگ سان آهي نه وري ٽيڪس لڪائڻ سان. هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ کي ايٽمي رياست بڻايو، وزير اعظم ملڪ کي پهريون صحت پروگرام ڏنو. نواز شريف ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم چونڊجو آهي.