لنڊن (م ڊ): پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته پنهنجي صحت جي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان وٺندو آهيان، ان لاءِ لنڊن آيو آهيان، جڏهن ڊاڪٽر اجازت ڏيندا، تڏهن پاڪستان هليو ويندس، لنڊن ۾ چيڪ اپ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هيو ته ڊسڪ سرجري لاءِ ويلنگٽن اسپتال آيو آهيان، ڊاڪٽر بلڊ ٽيسٽ ۽ اسڪين جو جائزو وٺڻ بعد سرجري لاءِ فٽنس جو ٻڌائيندا، ويلنگٽن اسپتال جي نيورو سرجن ڊاڪٽر جيمز ايليبون سندس معائنو ڪيو، سندس چوڻ هيو ته رائل برومپٽن اسپتال جي ڪارڊيولاجسٽ پروفيسر ڊي ماريو سان به ڪنسلٽ ڪيو آهي، هن 7 ڏينهن لاءِ هولٽر مانيٽرنگ جي هدايت ڪئي آهي، ڊاڪٽر عاصم جي معائني وقت ان جي گذريل هڪ سال جي ميڊيڪل رپورٽس جو به جائزو ورتو ويندو.