ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير مرتضيٰ وهاب وفاقي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جڏهن مافياز حڪومت هلائينديون آهن ته کنڊ، پيٽرول ۽ اٽو مهانگو ٿي ويندو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته وفاق جي محصولات ۾ واڌ جو فائدو صوبائي حڪومتن کي ٿيندو آهي، چيو پيو وڃي ته جولاءِ ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ۾ 22 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.سندس چوڻ هو ته اسان کي اميد هئي ته اين سيف سي جي مد ۾ سنڌ کي مليل پيسا به هاڻ پورا ملندا پر هر مهيني سنڌ کي 63 ارب ملڻا هوندا آهن جنهن مان جولاءِ جي مهيني ۾ 34 ارب رپيا وصول ٿيا آهن.سندس چوڻ هو ته لڳ ڀڳ 28 ارب جو شارٽ فال آهي مطلب ته وفاقي حڪومت 45 سيڪڙو واعدو پورو ناهي ڪيو.هن چيو ته ڪو بحران هجي وفاقي حڪومت جا وزير چون ٿا ته صوبائي حڪومت کي ان کي منهن ڏيندي پر اسان کي اسان جو حصو به نه پيو ڏنو وڃي، اسان ڪيئن ماڻهن کي پگهارون ڏيون، ڪيئن پينشن ادا ڪيون، ڪيئن ترقياتي ڪم ڪرايون.سندس چوڻ هو ته کنڊ انڪوائري ڪميشن رپورٽ سر عام چوي ٿي ته برآمدات جي ڪري ان جو بحران پيدا ٿيو ۽ اربين رپيا کنڊ مافيا ڪمايا، برآمدات جي اجازت وزير اعظم عمران خان جي منظوري سان ڏني وئي هئي منهنجي ان سوال جو ڪنهن جواب ناهي ڏنو.هن چيو ته خبر ملي آهي ته اي سي سي 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ چيو هو ته کنڊ 70 رپيا ڪلو ملڻ گهرجي پر هن وقت پاڪستان ۾ ڪٿي به ان قيمت ۾ کنڊ نظر نٿي اچي.