اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مان سياست ۾ ان لاءِ آيو آهيان ته ماڻهن جي خدمت ڪري سگهان.هن چيو ته جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪندو آهي ته ملڪ ۽ قوم تباهه ٿي ويندي آهي. ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي 23هين يوم تاسيس تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جا 23 سال ٻڌائين ٿا ته جدوجهد ڪيئن هوندي آهي.هن چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ اسان جا حڪمران ٻاهرين ملڪ ويندا هئا ته انهن جي عزت هندي هئي پر هاڻ عزت گهٽ هئڻ جي وجهه هي آهي ته حڪمرانن پنهنجي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو.جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪندو آهي ته ملڪ ۽ قوم تباهه ٿي ويندي آهي. وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ (ن) کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جڏهن شهباز شريف ويو ته 1100 ارب رپين جو خسارو ڇڏي ويو هو.هن وڌيڪ چيو ته عوام مشڪل ۾ آهي، ان جو احساس آهي، 19 ارب ڊالر جو خسارو مليو آهي، جڏهن ايترو وڏو خسارو هجي ته رپيو دٻاءُ ۾ اچي ويندو آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومت جي پهرين 8 مهينن ۾ مهانگائي 21 سيڪڙو هئي، جڏهن ته (ن) ليگ جي دور ۾ 8 سيڪڙو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ 6 سيڪڙو آهي.جيڪڏهن اسان قرض کي 30 هزار ارب کان 20 هزار ارب رپين تائين آڻي سگهون ٿا ته پوءِ هي سڀ کان بهترين حڪومت هوندي.