حيدرآباد( بيورو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جي ڊي اي وانگر هر اليڪشن ۾ اتحاد ٺهندا آهن، ڪا نئين ڳالهه ناهي، عوام اسان سان گڏ آهي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جي ڊي اي جڙتو اتحاد آهي، عوام جمهوريت نه ٿا چاهين. هن چيو ته جيترو ڪم قائم علي شاهه ۽ مراد علي شاهه ڪيو اوترو ڪنهن نه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام کي پرواهه ناهي ته ڪنهن کي ڇو ڪڍيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سياست ۾ ان ڪري آهيان جو منهنجي ماءُ کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پ پ عوام جي طاقت تي يقين رکي ٿي، دٻاءَ تحت پنجاب ۽ سنڌ مان ماڻهو پارٽيون ڇڏي رهيا آهن، اميدوار ۽ ڪارڪن شڪايتون ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته پنهنجي امڙ جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نڪتو آهيان جيڪو منهنجو مشن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ سموري ترقي رڳو اشتهارن ۾ آهي، پاڻي جي کوٽ تي گوڙ ڪندڙن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪير هئا جن ٺاهن تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار کي سنڌ کي پئسو ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته مان ڪراچي کي ڪراچي ئي بڻائيندس، ڪراچي تي حڪمراني ڪندڙن جو ڪردار سامهون اچي ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مافيا 30 سالن تائين حڪمراني ڪندي رهي، شهر کي 30 سالن تائين نظرانداز ڪيو ويو.