جي ڊي اي اتحاد نه پر ڏڦيڙ آهي، هو اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ ٿا چاهين: نفيسه شاهه

خيرپور(ڊ ر)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نفيسه شاهه طرفان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) جي اليڪشن ڪميشڻ جي نالي لکيل خط کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نفيسه شاهه جي ڊي اي جي خط تي رد عمل ڏيند چيو ته اها الائنس نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي.  نفيسه شاهه چيو ته جي ڊي اي گرائونڊ ۾ ڪڏهن به ناهي آئي، ان ڪري من پسند ماڻهن کان چونڊ کٽرائڻ چاهي ٿي، نگران سيٽ اپ آئين جي موجب بڻيل آهي. ياد رهي ته ڪالهه گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. ان پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي به اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪندي، جي ڊي ي اتحاد ناهي ڏڦيڙ آهي، جنهن جو فوڪس رڳو سنڌ آهي. هن چيو ته جي ڊي اي وٽ منشور ناهي، اهي رڳو پريس ڪانفرنس ڪندا آهن، جي ڊي اي پريس ڪانفرنس جو مقصد اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *