اسلام آباد: (م ڊ) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مجاهد انور خان چيو آهي ته جديد ترين ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽي جي تياري هلندڙ سال شروع ٿيندي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ايئرچيف مارشل مجاهد انور خان چيو ته پاڪ فضَائيه اهڙو ريڊار ٺاهيندڙ 2 چيني ڪمپنين مان هڪ جي چونڊ جلد ڪري وٺندي. هن چيو ته اميد آهي ته جيف ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 3 نئين ريڊار سان گڏ مارچ 2020 تائين شامل ٿي وڃن.. ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو ته جديد ترين ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽي جي تياري هلندڙ سال شروع ٿيندي، اهڙو ريڊار تيار ڪندڙ ٻن چيني ڪمپنين مان هڪ جي چونڊ جلد ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 3، نئين ريڊار سان مارچ 2020ع تائين آپريشنل ٿي ويندو. هن چيو ته هوائي فوج ۾ وڌيڪ 3 جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 2 جهاز جون ۾ شامل ٿي ويندا، جي ايف 17 ٿنڊر جي شموليت سان بلاڪ ٽو جهازن جي کيپ مڪمل ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته تربيتي معاملن لاءِ ٻن سيٽن وارو جي ايف 17 ٿنڊر بي به شامل ڪيو پيو وڃي، جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽو جهاز مقامي سطح تي تيار ڪيل آهي. ياد رهي ته چين جي تعاون سان ملڪي سطح تي تيار ڪيل جي ايف 17 ٿنڊر هلندڙ سال 2 ڀارتي جهاز ڪيرايا هئا ۽ پوري دنيا ۾ مڃرايو هو. پاڪستان جا سپر مشتاق جهاز به دنيا جي مختلف ملڪن جي هوائي فوج جي ٻيڙن ۾ شامل آهن.