اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آئي ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي ۽ نه ئي جي آئي ٽي جون سفارشون عدالتي عظما تي لاڳو ٿين ٿيون. واليم 10 پبلڪ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي، جنهن هو پبلڪ ٿي ويندو ته معلوم ٿي ويندو ته اهو ڇا آهي ۽ ان منصوبا ڪهڙا هئا. جن ماڻهن جي ڪرپشن جا داستان عوام ڏٺا اڄ اهي وزيراعظم تي آڱريون کڻي رهيا آهن، عدالت کان فرار اشتهار شخص آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف کان نه ڪو ئي استعيفا جو مطالبو ڪري رهيو آهي نه ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪرڻ گھرجي. سومر تي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيند مريم اورنگزيب چيو ته بار بار هڪڙي شئ واضع ڪئ وئي هئي ته جي آئي ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي ۽ جي آئي ٽي جون سفارشون سپريم ڪورٽ تي لاڳو نه ٿيون ٿين، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندي ۽ عدالت جي معزز جج چيو ته جي آئي ٽي جيڪي دستاويز پيش ڪيا آهن ان کي نوٽيفائي، ويريفائي ۽ سرٽيفائي ڪير ڪندو. انکي اوون ڪير ڪندو. گواهيون ڪير ڏيندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ شريف خاندان جيڪي دستاويز جمع ڪرايا هئا اهي سڀ ماڻهن ڏٺا اهي سڀ تصديق ٿيل آهن. جيڪڏهن انهن مان ڪوئي پاڪستان کان ٻاهر جو ڪاغذ آهي ته اهو به نوٽيفائي آهي. هن چيو ته واليم 10 تي سپريم ڪورٽ کان لڪايو پيو وڃي اسان واليم 10 فراهم ڪرڻ لاءِ ددرخواست ڏني آهي، هن چيو ته اسان پاران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست وئي آهي ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب جي آئي ٽي کي ڪم ڏنو هيو ان ۾ ڪٿي ڪٿي تجويز ڪيو آهي، جنهنجي قانون ۽ آئين موجب اجازت نه هئي. وزيراعظم جي خلاف اهي دستاويز جنريٽ ڪيا ويا جنهنجي مٿان ڪابه مهر نه آهي. هن چيو ته سازشن جو ٽولو ڪرپشن تي ٻڌل ٽولو ۽ پي ٽي آئي سان گڏ آپوزيشن جا ڪجھه جن جي ڪرپشن جا داستان سڄي قوم ڏٺا اڄ ان شخص جي مٿان آڱريون کنيو پيون وڃن جنهن شخص جي مٿان نه لڳي سگھيو. هن چيو ته اهي ماڻهون سنڌ ۾ نيب جي آفيس کي بند ڪري قانون سازي ڪن ٿا، جن جي ڪرپشن جا داستان هر انسان جي زبان تي آهن ۽ اهي ماڻهون اداري کي بند ڪن ٿا. اهي ماڻهون ادارن جي تذليل ڪن ٿا ۽ اهي پاڪستان جي عوامي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، هن چيو ته هڪ شخص ٽن عدالتن کان فرار آهي ۽ چوي ٿو ته مونکان ڪو به حساب نه ٿو وٺي سگھي اهي ئي ماڻهون قانون جي پاسداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. هنچيو ته جھڙي طرح شريف خاندان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو. هڪ معزز جج پاڻ پڇيو ته جيڪي دستاويز جمع ڪرايا ويا اهن اهي تصديق ٿيل نه آهن. هن چيو ته جي آئي ٽي جيترا به دستاويز جمع ڪرايا آهن ۽ جي آئي ٽي جتي جتي ڪوڙ ڳالهيو آهي خود ظاهر ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم کان نه ڪواستعيفا جو مطالبو ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪري سگھي ٿو.