ڪراچي (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي قانون موجب جيڪو رڪارڊ گهرندي اهو ڏينداسين ۽ رڪارڊ روڪڻ يا ان کي لڪائڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير پاڪستان ڪوارٽرز کي وفاقي معاملو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي زمين سنڌ حڪومت جي نه وفاق جي آهي، علائقي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ پوليس کي پوئتي هٽڻ جو چيو. مراد علي شاهه هڪ ڀيرو وري وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واودا کي وال مين جي نوڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وڏي وزير چيو ته وال بند ڪرڻ ۽ کولڻ ڪنهن ٻئي جو ڪم آهي، فيصل واوڊا چيو آهي ته کيس وال بند ڪرڻ ۽ کولڻ ايندو آهي، جيڪڏهن ڪا خالي جاءِ هوندي ته واٽر بورڊ کي چونداسين ته سندس انٽرويو وٺي ۽ جيڪڏهن هو ميرٽ تي پورو لهي ٿو ته کيس نوڪري ڏني ويندي، اهڙي ريت سندس شوق پڻ پورو ٿي ويندو. مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي طرفان سنڌ حڪومت جو رڪارڊ طلب ڪرڻ بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته قانون موجب جيڪو رڪارڊ گهريوويندو اهو ڏينداسين، ٻه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت جي سپريم ڪورٽ سان سهڪار نه ڪرڻ تي ڳاليهون ٿيون هيون، وڏي وزير جو ڪم دستاويز ڏيڻ ناهي، ان معاملي تي چيف سيڪريٽري ۽ انتظاميا کان معلومات ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته مونکي ٻڌايو ويو ته جي آءِ ٽي طرفان خط آيو آهي جنهن ۾ 2008 کان 2018 تائين آبپاشي ۽ سروسز اينڊ ورڪس کاتي جي ٺيڪن جا تفصيل گهريا ويا آهن، اهي ڪانٽريڪٽ لکن جي تعداد ۾ آهن انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، جي آءِ ٽي کي جيڪو رڪارڊ گهربل هوندو ۽ جيڪا شيءَ غلط هوندي ان تي حساب ڪتاب پڻ ٿيندو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته جي آءِ ٽي 46 ٺيڪيدارن جا نالا ڏنا، انهن جا هڪ ڪروڙ کان مٿي جا ڪانٽريڪٽ گهريا ويا آهن، ورڪس اينڊ سروسز جي ٺيڪن جو رڪارڊ ڏئي چڪا آهيون، ۽ آبپاشي جو رڪارڊ پڻ تيار آهي، عدالت کي درست ناهي ٻڌايو ويو، چيف جسٽس ڪراچي اچي رهيو آهي، اسان کيس ٻڌائينداسين ته جيڪو ممڪن ٿي سگهندو اهو فراهم ڪيو ويندو، رڪارڊ روڪڻ يا لڪائڻ جو ڪو به ارادو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن جي سوچ آهي ته اسان رڪارڊ روڪينداسين ته اهو به غلط آهي، انتظاميا کي ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪو آهيان.