اسلام آباد (بيورو): پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي شريف خاندان جي ماڻهن جي قلمبند ڪيل بيانن ۾ فرق تي سوالنامو تيار ڪري ورتو آهي، فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ گڏيل جاچ ٽيم جو واجد ضياءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ شريف خاندان جي ملڪيتن ۽ ٽيڪس رڪارڊ بابت تفيصلن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي ٻارن جي بيانن ۾ فرق تي نئون سوالنامو تيار ڪيو ويو، حسن نواز، حسين نواز ۽ مريم نواز کان ڪيس ۾ آخري سوال ڪيا ويندا، جي آءِ ٽي، جي طلب ڪرڻ کانپوءِ ايس اي سي پي جا عملدار جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيا، جن کان رڪارڊ ۾ ڦير ڦار بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جي آءِ ٽي، وزيراعظم جي ٻارن کان نون سوال بعد قطعي رپورٽ تيار ڪندي، جي آءِ ٽي وزير اعظم جي پٽ حسن نواز کي 3 جولاءِ، حسين نواز کي 4 جولاءِ ۽ سندس ڌيءَ کي 5 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جا نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن، گڏيل جاچ ٽيم کي ڪم ڪندي 51 ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن، جيڪا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قطعي رپورٽ 10 جولاءِ تائين جمع ڪرائيندي.