ڪراچي( م ڊ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي قائم ڪيل گڏيل جاچ ٽيم سنڌ سرڪار کان مختلف کاتن جي سالياني ترقياتي رٿائن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. ذريعن موجب جي آءِ ٽي طرفان سنڌ سرڪار کان سال 2013ع کان 2018ع تائين مختلف ترقياتي اسڪيمن جي پروجيڪٽ چارٽر، مخصوص بجيٽ، جاري ڪيل رقم، ريوائز اسڪيم جي ڄاڻ ۽ خرچن جا تفصيل طلب ڪيا آهن. ذريعن موجب جي آءِ ٽي چيف سيڪريٽري کان 12 نومبر تائين تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب جي آءِ ٽي جي درخواست بعد چيف سيڪريٽري رٿابندي، ناڻي، توانائي، آبپاشي، ورڪس، صحت، تعليم، زراعت ۽ ٻين کي سومر تائين فراهم ڪيل پروفارمي تي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.