ڪراچي( م ڊ ) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم 11 کاتن جي ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جي آءِ ٽي طرفان جن کاتن کان ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي تنهن ۾ ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي شامل آهن. لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ پروجيڪٽ، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، لوڪل گورنمينٽ، واٽر بورڊ، سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي کان به ترقياتي ڪمن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب جي آءِ ٽي سمورن کاتن کان ترقياتي اسڪيم، اسڪيم جي ڪاٿي، اسڪيم ڪڏهن شروع ٿي، ڪٿي آهي، ڪنٽريڪٽر جي نالي تائين ٻڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. دستاويزن موجب اسڪم لاءِ ڪيتري رقم جاري ڪئي وئي، اسڪيم جو موجوده اسٽيٽس ڪهڙو آهي، ڪنٽريڪٽر سان ڪهڙي شرط تي ٺاهه ٿيو سمورين شين جا تفصيل به کاتن کان طلب ڪيا ويا آهن.