جي آءِ ٽي: حسين نواز جو ايس اي سي پي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي نمائندن تي اعتراض

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي پٽ حسين نواز ۽ طارق شفيع پاناما ڪيس جي جاچ جي لاءِ قائم جي آءِ ٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ کي ٽيم جي ٻن ميمبرن کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي نمائندي بلاول رسول ۽ اسٽيٽ بينڪ جي نمائندي عامر عزيز تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس موجودگي ۾ غير جانبدار جاچ نٿي ٿي سگهي، ان جي جاءِ تي نوان آفسرن جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيا وڃن، اعتراضن موجب بلال رسول تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان اظهر جو مائٽ آهي جڏهن ته عامر عزيز ان کان پهرين شريف ڪٽنب خلاف حديبيه پيپر ملز ڪيس جو حصو رهيو آهي. عدالت شفاف جاچ بڻائڻ جي لاءِ ڄاڻايل ٻنهي آفيسرن جي جاءِ تي نوان ماڻهو جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *