جي آءِ ٽي جا ميمبر قوم جا هيرو آهن،هاڻي وڏن ڦورن جو وارو اچڻ وارو آهي: عمران خان

اسلام آباد( بيورو ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس جي فيصلي سان علامه اقبال جي پاڪستان جو بنياد وڌو ويو آهي، عدليه چاهي ته طاقتور جو به احتساب به ٿي سگهي ٿو. بني گالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف سان ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف خاندان کي 40 ورهين کان سڃاڻا ٿو،  پاڪستان کي ننڍا نه وڏا چور تباهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪمزورن الڳ ۽ طاقتورن لاءِ الڳ قانون آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو آهي. عمران خان چيو ته وڏن وڏن ڦورن جو هڪ هڪ گهر 600 ارب ڊالر جو آهي،  جيلن ۾ رڳو ننڍا چور واڙيل آهن. هن چيو ته جي آءِ ٽي جا ميمبر قوم جا هيرو آهن، سپريم ڪورٽ عزم ڪري ته قوم جو ڦريل ناڻو واپس اچي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جو تحفظ ڪندڙ ادارن جي سربراهن کان پڇان ٿو ته ڇا کين پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل جو فڪر ناهي. عمران خان چيو ته ادارن کي تباهه ڪيو وڃي ته قومون تباهه ٿي وينديون آهن. هن چيو ته هڪ هزار ارب رپيه هر سال مني لانڊرنگ پرڏيهه موڪليا پيا وڃن، اها رقم قوم جي ڀلائي تي خرچ ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته شروعات ٿي وئي آهي، هاڻي وڏن ڦورن جو وارو اچڻ وارو آهي، ڦرلٽ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي ته ٻين لاءِ مثال قائم ٿيندو. عمران خان چيو ته ن ليگ جي وزيرن کي خبر هئي ته عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي پوءِ سندن تحفظ ڪيو ويو. هن چيو ته آچر ڏهاڙي اسلام آباد جي پريڊ گرينڊ تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. سندس چوڻ هو ته مون کي 21 سالن جي جدوجهد کانپوءِ نئون پاڪستان ٺهندي نظر اچي رهيو آهي. عمران خان چيو ته آصف علي زرداري وزيراعظم کان جيل ۽ جيل کان وزيراعظم ويندو آهي. هن چيو ته پنهنجي وسيلن جي حفاظت ڪرڻي پوندي،  احتساب جي ڳالهه ڪرڻ تي شوڪت خانم اسپتال کي ٽارگيٽ ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ غريب ماڻهن جو مهانگو جو علاج ٿي رهيو آهي، وزيرن جي الزامن تي ڏک پهتو. عمران خان چيو ته جنگ دوران به اسپتالن کي نشانو نه بڻايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *