جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان رڪارڊ ڪيا اهي شاهدي طور قبول نه آهن: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران روسٽرم تي بيهي بيان رڪارڊ ڪرائڻ شروع ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نوازشريف جي خلاف نيب پاران داخل العزيزيه ريفرنس جي ٻڌني ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته اڳوڻو وزيراعظم روسٽرم تي آيو ۽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته جي آءِ ٽي جاچ دوران جيڪي بيان رڪارڊ ڪيا اهي شاهدي طور قبول جوڳا نه آهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته منهنجي اڪائونٽ ۾ ٻاهرين ملڪ مان آيل رقم صحيح طور ايف بي آر رڪارڊ ۾ ظاهر ڪئي ويئي آهي سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي طرفان متفرق درخواست جمع ڪرائي ويئي جنهن ۾ جي آءِ ٽي جي گڏ ڪيل نام نهاد ثبوتن ۽ رپورٽ کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪئي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن درخواست ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي فقط جاچ ايجنسي کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي ۽ جاچ ايجنسي آڏو ڏنل بيان عدالت ۾ ثبوت طور پيش نٿو ڪري سگهجي نوازشريف چيو ته جي آءِ ٽي جي جاچ تعصب تي ٻڌل ۽ ثبوت کان سواءِ هئي جنهن کي صرف انڪم ٽيڪس رٽرن، ويلٿ اسٽيٽ مينٽ ۽ ويلٿ رٽرن جمع ڪرايا نوازشريف چيو ته منهنجو العزيزيه اسٽيل ملز سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي ۽ نه ئي ان بابت حسن ۽ حسين سان ان معاملي تي ڳالهه ٿي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حسن نواز تعليم مڪمل ڪئي ته اهو به جلاوطن ٿي چڪو هو ٻارڙن پنهنجي ڏاڏي جي مدد سان ڪاروبار شروع ڪيو جلاوطني دوران حسن نواز برطانيا جي شهريت حاصل ڪئي فاضل جج ارشد ملڪ سوال ڪيو ته ڇا حسن نواز جي ٻٽي شهريت آهي جنهن تي نوازشريف چيو ته ان وٽ ٻٽي شهريت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *