جي آءِ ٽي بڻائڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو): پيپلز پارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي بڻائڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ برابر آهي، اعتزاز احسن اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻن سينئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، باقي 3 ججز ان راءِ جي ترديد نه ڪئي، معاملو موخر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ٻن سينئر ججز جي راءِ سپريم ڪورٽ جي راءِ سمجهي سگهجي ٿي، اڪثريتي فيصلي ۾ نظريه ضرورت جي ڌپ اچي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *