اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اڳيان پيشي دوران طبيعت خراب ٿي وئي. وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسين نواز سخت سڪيورٽي جوڊيشل اڪيڊمي پهتو. حسين نواز جي پيشي جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ به جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران موجود آهي. حسين نواز ميڊيا سان ڳالهائڻ کانسواءِ جوڊيشل ڪميشن اندر داخل ٿيو. واجد ضياءَ جي سربراهه ۾ گڏيل جاچ ٽيم پاناما ليڪس ڪيس ۾ حسين نواز کان آڏي پڇا ڪئي. چئن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين پڇاڻي دوران حسين نواز جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ۽ سندس شگر ليول گهٽ ٿي وئي. حسين نواز جي طبعيت خراب ٿيڻ کانپوءِ هڪ ايمبولينس ۽ ڊاڪٽر کي وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي طلب ڪري کيس طبي امداد ڏني وئي. وفاقي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ هڪ ايمبولينس پهتي جنهن ۾ هڪ ڊاڪٽر پنهنجو تعارف ڊاڪٽر عمر جي نالي سان ڪرايو جنهن بعد کيس وفاقي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ڊاڪٽر عمر به ان حوالي سان ڪي به تفصيل فراهم نه ڪيا پر ٻڌايو ته کيس فون ڪري گهرايو ويو آهي.