جي آءِ ٽي اهو اشو آهي، جنهن جو فوج سان سڌو سنئون ڪو تعلق ناهي: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي اهو اشو آهي، جنهن جو فوج سان سڌو سنئون ڪو تعلق ناهي، راولپنڊي ۾ پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ بڻائي هئي، جنهن ۾ شامل آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي ميمبرن سپريم ڪورٽ جي ماتحت محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ فوج جي سڌيءَ ريت مداخلت ناهي، جڏهن ته معاملو عدالت ۾ آهي، ان لاءِ ان تي ڪا ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ملڪ جي سلامتي لاءِ هر ضروري قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ فوج آئين جي عملداري چاهي ٿي، اهو چوڻ ته آرمي ڪنهن سازش جو حصو آهي، ان سوال جو جواب ڏيڻ به نٿو ٺهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج نٿي سمجهي ته ڪو پاڪستاني سوشل ميڊيا تي ان خلاف مهم هلائي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي هر شخص کي اظهار جي آزادي جو حق آهي، ترجمان پاڪ فوج ٻڌايو ته خيبر ايجنسي جي راجگال ۽ شوال ويلي ۾ اڄ کان آپريشن خيبر 4 شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد افغانستان مان داعش کي پاڪستان ۾ داخلا جو رستو روڪڻو آهي، جڏهن ته آپريشن جتي ڪيو پيو وڃي، اهو علائقو انتهائي ڏکيو آهي، ان علائقي ۾ 500 خاندان آباد آهن، جيڪي حالتن سبب لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب راجگال فاٽا جو سڀ کان ڏکيو علائقو آهي، جنهن جا 8 رستا آهن ۽ شوال کي به انشاءَ الله جلد ڪليئر ڪيو ويندو، بحيثيت تنظيم داعش پاڪستان ۾ موجود ناهي، جڏهن ته آپريشن خيبر 4 جو مقصد سرحد پار موجود داعش کي پاڪستاني علائقن ۾ ڪاررواين کان روڪڻ آهي، ترجمان پاڪ فوج مطابق آپريشن ضرب عضب 2014 ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن دوران انٽيليجنس بنيادن تي 9 هزار کان وڌيڪ آپريشنز ڪيا ويا، جڏهن ته 46 وڏا آپريشن ٿيا، جنهن ۾ ڪيترائي علائقا ڪليئر ڪرايا ويا، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آپريشن ردالفساد تحت سنڌ ۾ 522 دهشتگردن هٿيار ڦٽا ڪيا، ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار ڪري ڪيس هلايا پيا وڃن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 13 وڏا آپريشن شروع ڪيا ويا ۽ پنجاب ۾ ردالفساد تحت ڪاررواين ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج ترجمان چيو ته داعش افغانستان ۾ مضبوط ٿي رهي آهي، جڏهن ته افغانستان سرحد تي تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جتي تار سان گڏوگڏ نيون چوڪيون به قائم ڪيون ويون آهن، هن چيو ته بارڊر مضبوط ٿيندو ته دهشتگردن جي اچ وڃ بند ٿيندي، اسان کي پنهنجي بارڊر کي مضبوط بڻائڻو آهي، افغانستان سرحد تي تار لڳائڻ جو مقصد بارڊر مينيجمينٽ کي بهتر ۽ محفوظ بڻائڻ آهي، جڏهن ته افغانستان سان سهڪار جي لاءِ اسان جا دروازا کليل آهن، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پارا چنار واقعي ۾ گرفتار ماڻهن جي داعش سان رابطن جون شاهديون مليون آهن، جڏهن ته گرفتار دهشتگردن جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلندو، ملٽري ڪورٽس ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هيل تائين 161 ماڻهن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته هن وقت 40 ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت جڏهن سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته عام شهرين کي نقصان پهچائيندو آهي، جڏهن ته ايل او سي تي موثر جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فوج جي چوڪين کي نشانو بڻايو ويندو اهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت سوال تي ترجمان پاڪ فوج چيو ته ڪلڀوشن آرمي چيف کان رحم جي اپيل ڪئي آهي، جنهن تي پاڪ فوج سربراهه جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان جي رحم جي اپيل تي فيصلو ميرٽ تي ڪيو ويندو، ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي جي اڳوڻي ترجمان احسان الله احسان خلاف اڃا ڪيس جي ٻڌڻي شروع ناهي ٿي، ملڪي قانون مطابق احسان الله احسان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پاڪ فوج ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ آپريشنز جي نتيجي ۾ بهتري آئي آهي، جتي دهشتگردي جي واقعن ۾ 98 سيڪڙو ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 97 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ڪراچي جا ٻيا مسئلا به آهن، جنهن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو به آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *