اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي جي نالي تي موبائيل سروس بند ڪرڻ بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته اسان به چئون ٿا ته ننڍي ايونٽ تي سروس بند نه ڪرايو موبائيل ڪمپنين وارا به حوصلي مان ڪم ڪن جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو ته موبائيل ڪمپني جي سربراهه تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيندو قانون ۾ ترميم ٿيڻ ڏيو پوءِ ڏسنداسين جمعي تي سپريم ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي جي معاملي تي موبائيل سروس بند ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ ڪئي موبائيل ڪمپني جي وڪيل چيو ته ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي سروس بند ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته ترڪي جو صدر دوري ڪري يا وزيراعظم جو جلسو ٿئي ته سروس بند ڪئي وڃي ٿي هن چيو ته ڪوئي وڏو ايونٽ هجي ته سروس بند ڪرڻ سمجهه ۾ اچي ٿي ايڊيسنل اٽارني جنرل چيو ته قانوني موقف کان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي اڳڀرائي کان اگاهه ڪنداسين. جسٽس اعجازالحسن چيو ته قانون ۾ ترميم ٿيڻ ڏيو پوءِ ڏسنداسين ٻڌڻي جون جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪئي ويئي.