جيڪڏهن ٻارن کي جيل موڪليو ويو ته آئون به ساڻن گڏ ويندس: نواز شريف جي ماءُ

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي والده شميم اختر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس ٻارن کي جيل موڪليو ويو ته هوءَ به ساڻن گڏ جيل ويندي. پنهنجي ويڊيو بيان ۾ نواز شريف جي ما5 چيو ته پاڪستان جو پٽ منهنجو پٽ آهي جنهن ان کي روشن بڻايو، سڀاڻي هو واپس اچي رهيو آهي جيئن آئون ٻيهر هن جو مٿو چمي سگهان. شميم اختر چيو ته منهنجي پٽ نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي خلاف ناحق فيصلو آيو، آئون انهن ٽنهي کي جيل وڃڻ نه ڏيندس، جيڪڏهن جيل موڪليو ويو ته آئون به ساڻن گڏ ويندس. اڳوڻي وزير اعظم جي ماءُ چيو ته سندس ايمان آهي ته اهي ٽئي بي گناهه آهن ۽ الله تعاليٰ هنن جي حفاظت ڪري، ظالمن کي خدا جي خوف ۽ هن جي پڪڙ کان ڊڄڻ گهرجي. نواز شريف جي ماءُ جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدالت پاڻ فيصلي ۾ لکيو آهي ته ڪرپشن ثابت ناهي ٿي ته پوءِ منهنجي ٻارن کي سزا ڪهڙي ڳالهه جي ڏني پئي وڃي، رڳو ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائڻ ۽ ملڪ سان وفاداري جي سزا ڏني پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *