اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪيتون قطر جون هيون ته مني ٽريل شريف خاندان ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته 15 نومبر تي قطري خط عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وزير اعظم پنهنجي خطاب ۽ عدالتي جواب ۾ قطري خط ۽ سيڙپڪاري جو ناهي ٻڌايو. وزير اعظم چيو ته جده ۽ دبئي ۾ سيڙپڪاري جو سڄو ريڪارڊ آهي پر جده فيڪٽري ريڪارڊ هن وقت تائين عدالت کي ناهي ڏنو ويو. جسٽس اعجاز افضل پڇاڻو ڪيو ته ڇا لازمي هو ته وزير اعظم پنهنجي بچاءُ جو هر نقطو پارليامينٽ ۾ بيان ڪري. جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته شريف خاندان آف ڪمپنيون 1993ع کان لنڪ ڪرڻ جو ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ۽ شريف خاندان آف شور ڪمپنيون 2006ع کان تسليم ڪيون آهن جنهن تي نعيم بخاري عدالت جي سامهون موقف ورتو ته بينڪ ٽرانريڪشن جو ڪو به رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو. وڏي ميان صاحب وٽ قطر جي لاءِ سيڙپ هئي ئي ڪا نه.