جيڪڏهن شرط صرف استعيفيٰ آهي ته پوءِ مذاڪرات جو ڪهڙو فائدو؟ وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان حڪومتي مذاڪراتي ٽيم سان ملاقات ۾ چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو استعيفيٰ نه ڏيندو، جيڪڏهن شرط صرف استعيفيٰ جي آهي ته پوءِ مذاڪرات جو ڪهڙو فائدو آهي؟بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ حڪومتي مذاڪراتي ٽيم ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم عمران خان سان ماقات ڪئي ۽ اپوزيشن سان گڏ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو.ملاقات ۾ موجود ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن کليل دل سان احتجاج ۽ مارچ جي اجازت ڏني پر جيڪڏهن شرط صرف استعيفيٰ جي آهي ته پوءِ مذاڪرات جو ڪهڙو فائدو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته معاملي کي سياسي طور تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا جڏهن گڏ ئي هن 2018ع جي عام چونڊن جي دوران مبينا ڌانڌلي جي تحقيقات جي لاءِ به تيار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *