ٿرپارڪر(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته بائيو سلين ايگريڪلچر سان ٿر ۾ ڏڪار ماضي جو قصو بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن تبديلي يا ترقي ڪٿي ٿي آهي ته اها هتي ئي ٿي آهي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ريگستان ٿر ۾ موجود آهي. ان موقعي تي هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽويٽ ڪندي چيو ته ٿر ۾ بائيوسلين ايگريڪلچر ذريعي ڀاڄيون پوکيون پيون وڃن. بائيوسلين ايگريڪلچر ذريعي ٿر ۾ ڏڪار ماضي جو قصو بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پيپلز پارٽي مستقل ترقي ۽ ڪميونيٽيز کي باختيار بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. جيڪڏهن تبديلي يا ترقي ڪٿي ٿي آهي ته اها هتي ئي ٿي آهي. شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته ٿر جو ڪوئلو حقيقت بڻجي وڃي. بلاول وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ پاڪستان جي سڀ کان ڪامياب پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ آهي.